تيج موٽومل ڀاڳچنداڻي قابل

تيج موٽومل ڀاڳچنداڻي، ”قابل“: ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار، تيج موٽومل ڀاڳچنداڻي 15 آگسٽ 1932ع تي دادوءَ ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي هئس. بعد ۾ بي. ايڊ به ڪيائين. سنڌي ادب ۾ خاص ڪري ڪهاڻيءَ جي حوالي سان شهرت ماڻيائين. اسٽيج ناٽڪن ۾ پڻ ڪم ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”ننڍا چور، وڏا چور“ (1946ع)، ”اجر امر ويرتا“ (1966ع) ۽ ”تو مون کي سور ڏنا“ مشهور آهن. 1980 واري ڏهاڪي ۾ حالتن جو شڪار ٿي، لڏي گانڌيڌام (ڪڇ) ڀارت وڃي آباد ٿيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو